جيڪي ڏٺو آ مون (ڪتاب)

جيڪي ڏٺو آ مون (ڪتاب)

جيڪي ڏٺو آ مون ڪتاب

جيڪي ڏٺو آ مون (ڪتاب): هن ڪتاب جو ليکڪ، محمد موسيٰ ڀٽو آهي، جيڪو سائين جي. ايم. سيد جي ڪتاب ’جيئن ڏٺو آهه مون‘ تي تنقيدي مواد تي مشتمل آهي، جنهن ۾ جي. ايم. سيد جي اسلام جي صحيح روح جي تشريح ۽ تصوف جي پيچيدگين جي سمجهاڻيءَ کي شريعت ۽ اسلام جي خلاف ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ۽ ڪتاب ۾ مذهب، سائنس، حقيقت، انساني مشاهدي، مذهبن جي ميلاپ، عيسائيت ۾ ٽن خدائن جي تصور، وحدت الوجود جي سادي شڪل، تصوف ۽ اسلام، نئين سائنسي تحقيق ۽ ٻين موضوعن تي لکيو ويو آهي. 190 صفحن تي مشتمل هيءُ ڪتاب 1989ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي قيمت 20 رپيا آهي. هيءُ ڪتاب سنڌ نيشنل اڪيڊميءَ ، لطيف آباد، حيدرآباد شايع ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو